قاضي عبدالله سيوستاني

قاضي عبدالله سيوستاني : ‘سيوهڻ صدين کان’ ڪتاب جي ليکڪ خير محمد ٻرڙي جي لکڻ موجب عبدالله سيوستاني، اصل سيوهڻ جي قاضي خاندان مان هو. سندس وڏا عباسي خليفن طرفان مقرر ڪيل گماشتن جو اولاد هئا. جيڪي سيوهڻ ۾ قضا جي عهدي تي فائز رهيا. هي به پنهنجي وقت جو وڏو عالم شخص هو. تحفة الڪرام هن بزرگ لاءِ هي لفظ لکيا آهن. ‘در علم واتقا مرجع کامل و مقصد اکمل بوده’ قاضي عبدالله سمن جي دور ۾ سيوهڻ ۾ قاضي مقرر ٿيو ۽ لڏي وڃي ٺٽي ۾ رهيو. روايت آهي ته سندس وفات کانپوءِ هن بزرگ جي جنازي نماز سمي حاڪم ڄام نظام الدين پاڻ پڙهائي، جو سندس حڪم هو ته منهنجي جنازي جي نماز اهو پڙهائي، جيڪو سڄي عمر وضو ۾ رهيو هجي ۽ پنهنجي اوگهڙ نه ڏٺي هجائين. سندس مزار مڪليءَ تي ڄام نظام الدين جي ڀرسان شيخ حماد جماليءَ جي پٺيان موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو